جيڪب آباد:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)جيڪب آباد ڀرسان تيز رفتار ويگن ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ جمال الدين ڪٽو سميت 2 مسافر فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
جيڪب آباد ڀرسان آباد ٿاڻي جي حد بچل واهه وٽ ڪنڌڪوٽ کان جيڪب آباد ايندڙ ويگن تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، ويگن ڪلٽي ٿيڻ سبب فوت ٿيل ٻن ڄڻن جا لاش سول اسپتال آندا ويا جڏهن ته زخمين کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني وئي آهي.
پوليس موجب اسان کي اطلاع مليو آهي ته تيز رفتار ويگن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائ مسافر زخمي ٿي پيا آهن، مسافرن کي ويگن مان ڪڍيو پيو وڃي، هڪ فوتي جي سڃاڻپ مبارڪپور جي رهواسي جمال الدين ڪٽو طور ٿي آهي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language