welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ سراسري طور تي 1.14 رپيا گهٽتائي، لائف لائن استعمال ڪندڙ رليف کان محروم

اسلام آباد:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)نيپرا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ سراسري طور تي 1.14 رپيا في يونٽ گهٽتائي جو فيصلو جاري ڪيو آهي، جڏهن ته، لائف لائن استعمال ڪندڙ صارف هن رليف کان محروم رهندا. اهو فيصلو وفاقي حڪومت کي نوٽيفڪيشن لاءِ موڪليو ويو آهي. آڊٽ رپورٽ موجب، 100 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ قيمتون 10.54 رپيا في يونٽ مقرر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 101 کان 200 يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ قيمتون 13.01 رپيا في يونٽ مقرر ڪيون ويون آهن. غير محفوظ صارفين لاءِ، قيمتون 100 يونٽن لاءِ 22.44 رپيا في يونٽ، 101 کان 200 يونٽن لاءِ 28.91 رپيا في يونٽ، جڏهن ته 201 کان 300 يونٽن لاءِ 33.10 رپيا في يونٽ مقرر ڪيون ويون آهن. 300 يونٽن کان وڌيڪ استعمال ڪندڙ ٽي او يو غير محفوظ صارفين کي 41.78 رپيا في يونٽ ادا ڪرڻو پوندو. نيپرا جي فيصلي موجب، ڪمرشل صارفين لاءِ بجلي جا اگهه 45.43 رپيا في يونٽ، عام خدمتن جي صارفين لاءِ 43.17 رپيا في يونٽ، صنعتي صارفين لاءِ 33.48 رپيا في يونٽ، زرعي صارفين لاءِ 30.75 رپيا في يونٽ ۽ بلڪ صارفين لاءِ 41.76 رپيا في يونٽ مقرر ڪيا ويا آهن. نيپرا موجب، قيمتن ۾ گهٽتائي جو مقصد صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته، لائف لائن صارفين جو درجو هن فيصلي جي دائري ۾ نه ايندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے