welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نئون ڳوٺ لڳ نشي آور گوريون کائڻ سبب نوجوان فوت: ڀاءُ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل

نئون ڳوٺ:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ ڪرڙ کوسو ۾ نشي آور گوريون کائڻ سبب ٻن ڀائرن جي حالت خراب ٿيڻ جي نتيجي ۾ نوجوان شھباز لغاري پٽ منظور لغاري فوت ٿي ويو، ٻيو ڀاءُ فاروق لغاري لاڙڪاڻي اسپتال ۾ بيھوشي جي حالت ۾ داخل آھي، فوتي نوجوان جي مامي فياض لغاري ٻڌايو ته ٻن ڀائرن مان شھباز لغاري فوت ٿي ويو آھي ۽ فارق کي لاڙڪاڻي اسپتال ۾ داخل ڪرايو آھي، ٻئي ڀائر نشي آور ٽڪيون کائڻ سبب واقعو پيش آيو آھي، راڌڻ پوليس موجب فوتي نوجوان شھباز جو تعلقي اسپتال ميھڙ مان پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش ضروري ڪارروائي بعد سندن وارثن حوالي ڪيو آھي، جيئن ميڊيڪل رپورٽ ايندي ته وارثن جي فرياد تي ڪارروائي ڪنداسين ھنن جو چوڻ آھي ته ٻنهي نوجوانن کي نئون ڳوٺ جي ھڪ ميڊيڪل اسٽور تان اھي گوريون مليون آھن، جيڪي زھريليون ھيون انھن جي واپرائڻ سان واقعو پيش آيو آھي ان خلاف ڪارروائي ڪرائينداسين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے