welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر، گهوٽڪي ۽ ٽنڊي محمد خان جي ڊي سيز کي سنڌ ۾ رهڻ ڏيو: سنڌ سرڪار جو وفاق کي خط

ڪراچي:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)وفاقي سرڪار پاران وفاقي سروس ۾ ضم ٿيل گھوٽڪي، سکر ۽ ٽنڊو محمد خان جي ڊپٽي ڪمشنرن کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وٽ رپورٽ ڪرائڻ جي حڪم بعد سنڌ حڪومت وفاق کي خط لکي ٽنهي آفيسرن جون خدمتون سنڌ حڪومت وٽ ئي برقرار هجڻ جي سفارش ڪئي آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت جي صوبائي سروس ايڪس پي سي ايس گروپ جي 3 آفيسرن ڊپٽي ڪمشنر سکر محمد بخش عرف راجا ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي محمد علي شاھ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊومحمد خان شاهزيب شيخ پاران صوبائي سروس جو ايڪس پي سي ايس گروپ ڇڏي وفاقي سروس پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس (پي اي ايس) گروپ جوائن ڪرڻ لاءِ ڏنل امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ 2 ڏينهن اڳ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ٽنهي آفيسرن کي خط لکي وفاق ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، وفاقي سرڪار جي اهڙي خط کانپوءِ سنڌ حڪومت جي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي، سروسز کاتي پاران وفاقي حڪومت کي لکيل خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته سنڌ جو صوبائي سروس گروپ ڇڏي وفاقي سروس جوائن ڪندڙ ٽئي ڪامورا سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور مقرر ٿيل آهن، انهي ڪري سندن خدمتون سنڌ کان واپس وٺڻ بجاءِ کين سنڌ ۾ ئي رهڻ ڏنو وڃي. بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر خالد حيدر شاھ موڪل تي پرڏيهه روانو: چارج احمد علي شاھه حوالي ڪراچي: تازو مقرر ٿيل سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو خالد حيدر شاھه موڪل تي پرڏيهه روانو، اضافي چارج روينيو ميمبر احمد علي شاھه حوالي ڪئي وئي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب تازو سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو مقرر ٿيل 21هين گريڊ جو آفيسر خالد حيدر شاھه 28 جولاءِ تائين موڪل تي پرڏيهه روانو ٿي ويو، جنهن بعد سنڌ حڪومت بورڊ آف روينيو جي 20هين گريڊ جي ميمبر احمد علي شاھه کي سينيئر ميمبر جي اضافي چارج سونپي ڇڏي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے