نواب شاه:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جو 24 جولاءِ تائين موڪل تي ويل وائيس چانسلر ڊاڪٽر سليم رضا سمون اوچتو آفيس پهچي ويو. ساڳئي ريت وقتي وي سي کان زباني موڪل وٺي ويل رجسٽرار رضوان صديقي پڻ مادرعلمي پهچي ڪم ڪار شروع ڪري ڇڏيو .ٻئي طرف ايف آءِ اي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي هيڪ پاران ڏنل فنڊن ۾ 70 ڪروڙ رپين جي هيڙا ڦيري واري ڪيس ۾ گرفتار وقتي ڊائريڪٽر فنانس قمر الدين شيخ کي عدالت ۾ پيش ڪري ٻن ڏينهن جو رمانڊ ورتو، هوڏانهن مادرعلمي جي ٺيڪيدار مسرور شاھه جي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي 7 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سرڪاري وڪيل چيو ته مسرور شاھه تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان ٺيڪيدار جي حيثيت سان حاصل ڪيل رقم جي غلط استعمال جو الزام آهي، ايف آءِ اي مسرور شاھه، يونيورسٽي جي ڊي ايف قمر شيخ، سميت 8 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو .
0 تبصرے
Do not use vulgar language