ٽنڊو الھيار:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)ٽنڊوالهيار ميونسپل ڪاميٽي جــو بجيٽ اجــلاس چئرمين سيد ثمرحسين شاھه رضوي جي صدار هيٺ ٿــي گــذريــو، اجلاس ۾ سال 2026ع ۽ 27 لاءِ 91 ڪروڙ 51 لک 88220 جو بجيٽ پيش ڪيو ويو، جيڪو اڪثريت رائي سان منظور ڪيو ويو. ڪوٺايل بجيٽ اجلاس ۾ ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 20 ڪروڙ 50 لک روپيا رکيا ويا اجلاس ۾ پگهارن ۽ پيشن جي مد ۾ 51 ڪروڙ 14 لک 69373 رپيا مختص ڪيا ويا، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ قومي ڏهاڙن لاء 1ڪروڙ 22لک 50 هزار رپيا رکيا ويا، بجيٽ جي منظوري بعد اپوزيشن پاران گذريل بجيٽ ۾ وارڊن اندر ترقياتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ تي گوڙڪرڻ بعد اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو، ان موقعي تي ميونسپل ڪاميٽي جي چئرمين اپوزيشن جي ميمبرن کي چيو ته اوهان کي هن بجيٽ ۾ ڊبل ڪم ڪرائي ڏنا ويندا، هن چيو ته منهنجي وائيس چئرمين جي علاوه ٻين ميمبرن کي ڪم نه آهن ملي سگهيا. هن بجيٽ ۾ رهيل دوستن جي علائقن ۾ ترقياتي اسڪيمون ڏنيون وينديون ، بجيٽ اجلاس ۾ سي ايم او عابد ولي کــوســو اڪائونٽ آفيسر غلام مصطفي’ ميمڻ فيصل ميرجت زوار پرويز سمون حاجي سليم خانزادا حاجي فرحان پتافي ۽ ٻين سمورن ايم سي ميمبرن شرڪت ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language