welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪوٽڙي مان اغوا پرڻيل ناري لڄالٽ جو شڪار، حالت خراب ٿيڻ بعد فوت، 2 جوابدار گرفتار

ڪوٽڙي:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)ڪوٽڙي واسڻ پرڻيل ناري ڄامشورو مان اغوا ٿيڻ بعد سيوھڻ ۾ زنا بعد فوت ٿيڻ جو انڪشاف، ڄامشورو مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻايل 46 ورھين جي ڪوٽڙي واسڻ پرڻيل ناري مسمات ڪوڙي زال شفيع محمد چانڊيو جي جنسي زيادتي بعد فوت ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. فوت ٿيل ناريءَ جي ڀاءُ علي شير چانڊيو پاران سيوھڻ ٿاڻي تي مک جوابدار فياض ڏيپر ويٺل ڄامشورو ۽ سھولتڪار نظر علي خاصخيلي خلاف اغوا ۽ زنا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن تي ايس ايچ او سيوھڻ ذوالفقار اوڍاڻو ڪاروائي ڪندي ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري کين لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڪيس جي فريادي ۽ فوتڻ ناري جي ڀاءُ علي شير چانڊيو سيوھڻ ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته مک جوابدار فياض ڏيپر سان جوابدار فياض ڏيپر منهنجي ڀيڻ کي اغوا ڪري سيوھڻ جي لال حويلي پاڙي ۾ ھڪ سھولتڪار نظر خاصخيلي جي گھر ۾ قيد ڪري ساڻس زنا ڪئي، جنهن تي منهنجي ڀيڻ جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کي علاج لاء سيوھڻ اسپتال آندو ويو، پر ڊاڪٽرن کيس ڄامشورو ريفر ڪيو پر ھو رستي تي فوت ٿي وئي. لاش جو پوسٽ مارٽم پڻ ڪيو ويو. ٻئي طرف ايس ايس پي ڄامشورو محمد صديق ڇانگا معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ کي شفاف ۽ غير جانبدار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے