welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

خانپور مهر: ڪارنهن تڪرار تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ قتل،2 زخمي

خانپور:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)خانپورمهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ موالي خان شر ۾ مبينا ڪارنهن معاملي تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران لٺيون ۽ سريا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو ميرحسن شر مارجي ويو، جڏهن ته طارق شر ۽ علي گوهر شر زخمي ٿي پيا، وارث مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال خانپورمهر کڻائي آيا، جتي اسپتال اندر مارجي ويل ۽ زخمين جي وارث ايڊووڪيٽ محمد بخش شر ميڊيا کي ٻڌايو ته اٽڪل 5 ڏينهن اڳ جوابدار ڌر منهنجي ڀائٽي فاروق شر مٿان ڪوڙو ڪارنهن جو الزام مڙهيو هو، جوابدار سلمان شر، علي خان شر، اسلم، بابر شر، نديم شر ۽ ٻين ڪارنهن جي ڪوڙي الزام جي بدلي اسان کان سڱ چٽي گهري رهيا هئا، سڱ چٽي نه ڏيڻ تي جوابدار ڌر اسان جي نوجوان مٿان ڪوڙو الزام مڙهي ڌمڪيون ڏيندا هئا، اڄ اسان جا نوجوان گهر ٻاهران مال جي ڇپري تي ويٺا هئا ته جوابدار ڌر جي ماڻهن لٺين ۽ لوهي راڊن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ منهنجو سئوٽ ميرحسن شر قتل ٿي ويو ۽ ڀاءُ علي گوهر شر ۽ پٽ طارق شر زخمي ٿي پيا، جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، هوڏانهن مارجي ويلجو مڙھ پوسٽ مارٽم لاءِ گهوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو، خانپورمهر پوليس موجب واقعو ڪارنهن معاملي تان پيش آيو آهي، مارجي ويل جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ گهوٽڪي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد مارجي ويل جي موت جوڪارڻ معلوم ٿي سگهندو، جڏهن ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو..هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌُر گهر خالي ڪري فرار ٿي وئي آهي، جڏهن ته موقف لاءِ رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نمبر نه ملڻ ڪري موقف نه ملي سگهيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے