
قمبر:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)قمبر جي محمد عثمان ميمڻ ڪالوني ۾ خنجر جا وار ڪري قتل ڪيل نوجوان سويم ميراڻي جي وارثن، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين انصاف لاءِ مقتول جو لاش کٽ تي رکي قمبر-لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، مقتول جي والد عبدالعزيز ميراڻي جو چوڻ هيو ته ٻارن جي ڳالھه تان منهن ماري بعد جوابدارن منهنجي پٽ تي خنجر ۽ برف ڪٽڻ وارن سنبن سان وار ڪري کيس قتل ڪيو، پوليس مک جوابدار نديم ابڙوکي گرفتار به ڪيو، جوابدار ايم پي اي جو گن مين هئڻ سبب پوليس کيس ڇڏي ڏنو، بعد ۾ ايم پي اي برهان چانڊيو مظاهرين وٽ پهچي ساڻن گڏ ڌرڻي ۾ ويهي رهيو، سندس چوڻ هيو ته ميراڻي برادري جي ماڻهن سان ظلم ٿيو آهي، مان ساڻن گڏ آهيان،جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو، پوليس 24 ڪلاڪن ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي يقين ڌياني ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. ٻي طرف ايس ايس پي قمبر طرفان سٽي ٿاڻي جي ايس ايچ او طفيل احمداڻي کي شهدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي تي بدلي ڪري سندس جاءِ تي احمد علي اوڍو کي قمبرسٽي ٿاڻي جو ايس ايچ او مقرر ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس مقتول نوجوان جي والد عبدالعزيز ميراڻي جي فرياد تي جوابدار نديم ابڙو، فرحان ابڙو، محسن ابڙو، مظهر ابڙو سميت 4 سڃاتل ۽ 2 اڻسڃاتل جوابدارن سميت 6 جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل هڪ جوابدار مظهر ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language