
سيتاروڊ:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)سيتاروڊ لڳ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، پٽ هٿان پيءُ قتل ٿيو آهي، ان سلسلي سيتاروڊ لڳ ڳوٺ ڏنڱرن ۾ اڳوڻي پوليس اھلڪار 60 ورھين جي شاھنواز ڏنڱر جو گهر ۾ڪھاڙيون لڳل لاش ھٿ آيو آهي، سيتاروڊ پوليس موجب شاهنواز ڏنگر گهر واري سان اختلاف سبب گهر ۾ اڪيلو رهندو هو، جنهن کي سندس پٽ سرفراز ڏنڱر گذريل رات ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو آهي، مليل اطلاعن مطابق واقعي بعد جوابدار ڪهاڙي سميت دادو ٿاڻي پيش ٿيو آهي، اطلاع آهن مقتول شاهنواز جا پنهنجي گهر واري سان ڪئي سالن کان اختلاف هجڻ سبب سندس فيملي ڪوٽڙي رهندڙ هئي۔ پوليس موجب مقتول شاهنواز کي 5 پٽ جو اولاد آهي، سڀ کان وڏي پٽ سرفراز ڏنڱر سندس کي قتل ڪيو آهي، جيڪو آئيس جو نشو پڻ واپرائيندو آهي، پوليس موجب صبع جو اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهتاسين ته پيرسن جو سندس گهر ۾ ڪهاڙيون لڳل لاش هٿ آيو، جنهنکي پوسٽ مارٽم لاءِ سيتاروڊ جي سرڪاري اسپتال نيو ويو. ڪيتري دير تائين لاش اسپتال ۾ پيل رهڻ کانپوءِ ٻين پٽن اچي وصول ڪيو ۽ ڳوٺ ڏنڱر کڻائي جنازي نماز کانپوءِ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو.
بابا منهنجو گهر ڦٽايو ان ڪري کيس قتل ڪيو: جوابدار
سيتاروڊ: سيتاروڊ پوليس موجب جوابدار سرفراز پنهنجي پي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوابدار موقف اختيار ڪيو آهي ته مونکي 5 پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي، گهر واري سان اختلاف ٿيڻ ڪجھه سال اڳ طلاق ٿي آهي، پوليس موجب جوابدار جو چوڻ آهي ته ڪئي سالن کان اسانجي والد اسان سان اختلاف رکيا ۽ شفقت جو هٿ نه رکيو۔ سندس چرچ تي منهنجو گهر ڦٽو موقعي جي تلاش هئي، واقعي واري رات اسان ٻئي ڳوٺ واري گهر ستل هئاسين، رات جي وقت موقعو ملڻ تي ڪهاڙين جي وار سان پي کي قتل ڪيم۔ پوليس موجب جوابدار سرفراز آئيس جو نشو پڻ واپرائيندڙ آهي.
سيتاروڊ: دادو پوليس جي ترجمان دعوي ڪئي آهي ته واقعي جي بروقت اطلاع تي ايس ايس پي دادو جي حڪم تي سيتاروڊ پوليس جي بروقت ناڪابندي سبب دادو ٻاهران جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language