welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پيرڳوٺ ويجهو قتل ٿيل نوجوان جي وارثن جو لاش ٿاڻي آڏو رکي احتجاج، خيرپور ۾ ڌرڻو

پیرجوڳوٺ:(اربع 23 جولاءِ 2025ع)پيرجوڳوٺ ڀرسان ڳوٺ متو بڙدي ۾ جوابدارن پاران فائرنگ ڪري بي دردي سان قتل ڪيل نوجوان علي شير بڙدي جي وارث عورتن مردن پاران لاش کڻي ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته برادري جي بااثر جوابدارن ڀائي خان بڙدي، مختيار، هاشم بڙدي ۽ ٻين بنا جواز فائرنگ ڪري اسان جي نوجوان علي شير بڙدي کي قتل ڪيو، پر پوليس هن وقت تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪيو آهي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ هنن جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي، جنهنڪري قاتل ٻيهر حملن جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هواڏنهن خيرپور ويجهو پير جو ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ متو بڙدي ۾ جوابدارن هٿان قتل ٿي ويل نوجوان علي شير پٽ راڻو خان بڙدي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن طرفان شاهه حسين باءِ پاس وٽ احتجاج ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي مقتول جو والد راڻو خان، غلام حسين، فهيم، غلام مصطفيٰ، بلاول، بخت ۽ شهزادو بڙدي ڪري رهيا هئا. هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے