شڪاگو:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)آمريڪي رياست شڪاگو سان تعلق رکندڙ ناري دير جي نوجوان سان شادي لاءِ پاڪستان پهچي وئي. پوليس عملدارن موجب دير اپر جي نوجوان ساجد زيب خان سان شادي لاءِ آمريڪي عورت دير پهتي، ڇوڪري پوليس کي ٻڌايو ته مون کي پوليس سڪيورٽي جي ضرورت ناهي جلد شادي ڪرڻ واري آهيان. نوجوان ساجد موجب مينڊي سان 2 سال اڳ فيس بڪ ذريعي ربطو ٿيو ان دوران مينڊي مون کي پرپوز ڪيو ته مون به ها ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ اسان ٻنهي پنهنجي پنهنجي گهروارن کي اعتماد ۾ ورتو. نوجوان موجب اسلام آباد ايئرپورٽ تي گلدستي سان مينڊي جو استقبال ڪيو جنهن کانپوءِ اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي مقامي ماڻهن خوشي جو اظهار ڪيو. ساجد موجب مينڊي شڪاگو جي رهائشي ۽ ايئرهوسٽس آهي. اسلامي اصولن ۽ مقامي رسم ۽ رواج موجب اڄ نڪاح ٿيندو. مينڊي ساجد سان گڏ ان جي گهر ۾ ويهي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته هو پهريون ڀيرو پاڪستان آئي هتي پهچڻ تي معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان خوبصورت ۽ پرامن ملڪ آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language