
ملیر:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)ملير جي مصرف ترين علائقي قائد آباد جو اسڪريپ جو جھونو واپاري (ڪاٻاڙي) معين الدين صادق آباد ويندي رستي مان اغوا ٿي ويو، کيس ڌاڙيلن ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ ڪاٻاڙي جي پٽ غياث الدين قائدآباد ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته اغواڪندڙن منهنجي پيءُ جي اگهاڙي وڊيو موڪلي آهي، مٿس تشدد ڪيو پيو وڃي ،منهنجو والد فيڪٽرين، سرڪاري ادارن، مارڪيٽن مان اسڪريپ (ڪاٻاڙ )خريد ڪندو آهي ،اغوا ٿيڻ کان اڳ منهنجي پيءُ ٻڌايو ته هو ڪاٻاڙ جو سامان خريد ڪرڻ لاءِ پنجاب جي شهر صادق آباد وڃي رهيو آهي، منهنجو ننڍو ڀاءُ ذيشان 21 جون تي بابا کي لانڍي ريلوي اسٽيشن تي ٽرين تي ڇڏي آيو، فريادي موجب بابا جو ٻئي ڏينهن تائين فون نه آيو، سندس نمبر به بند ملي رهيو هو، 23 جون تي منهنجي ننڍي ڀاءَ جي نمبر تي بابا جي نمبر تان وائيس ميسيج آيو، جنهن ۾ ڌاڙيلن بابا جي آزادي لاءِ 2 ڪروڙ رپيا 2 راڊو واچون ۽ 2 آءِ فون ڏيڻ جو مطالبو ڪندي کيس اگهاڙو ڪري مٿس تشدد جي وڊيو پڻ موڪلي آهي، هن چيو ته سرڪار منهنجي پيءُ جي آزادي ۾ مدد ڪري، هوڏانهن ايس ايس پي رحيم يار خان عرفان سمون جو چوڻ آهي ته واپاري معين الدين رحيم يار خان نه پر ڪشمور جي حدن مان اغوا ٿيو آھي، واپاري جي فون تان آخري ڪال ڪشمور ھاءِ وي جي خانزئي واري علائقي مان ڪئي وئي، ٻئي طرف ايس ايس پي ڪشمور زبير نذير احمد شيخ جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيل واپاري جي بازيابيءَ لاءِ ڪراچي پوليس سان رابطي ۾ آھيون، مغوي واپاري کي جلد ٽريس ڪري وٺنداسين
0 تبصرے
Do not use vulgar language