welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد ۾ جواري پيءُ پيسا هارائڻ بعد ڪاوڙ ۾ اچي معصوم پٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

حیدرآباد:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)حيدرآباد ۾ جواري پيءُ پيسا هارائڻ بعد ڪاوڙ ۾ اچي معصوم پٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب حيدرآباد جي جي او آر ڪالوني ۾ رهندڙ مورو واسي روينيو ملزام محمد علي ميمڻ 4 ڏينهن اڳ 7 ورهين جي معصوم پٽ محمد رحمان کي گهٽا ڏئي بي دردي سان قتل ڪيو، لاش هٿ اچڻ بعد مقتول نينگر جي مامي طارق ميمڻ جي فرياد تي جي او آر ٿاڻي تي محمد علي ميمڻ خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن بعد پوليس جوابدار محمد علي ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جوابدار کي حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪيو ، عدالت 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار محمد علي ميمڻ پٽ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. مقتول نينگر جي مائٽن جو چوڻ آهي ته محمد علي ميمڻ جوا کيڏندو آهي ، 4 ڏينهن اڳ به هو جوا ۾ پيسا هارائڻ بعد گهر آيو ۽ نشي ۾ هجڻ سبب معصوم پٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو جوابدار نشي جو عادي: زال کي به قتل ڪري چڪو مورو: مقتول نينگرن جي مامن موجب جوابدار محمد علي ميمڻ نشي جو عادي ٿي چڪو آهي ۽ ڪجهه سال اڳ زال کي به قتل ڪري ڇڏيو هو. سندن چوڻ آهي ته معصوم رحمان اسان وٽ موري ۾ رهندو هو موڪلن سبب محمد علي کيس حيدرآباد وٺي ويو هو، جوابدار روينيو کاتي ۾ ملازم آهي انڪري هو حيدرآباد جي جي او آر ڪالوني ۾ رهندو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے