
ملیر:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)پيپلزپارٽي سنڌ پاران ملير ۾ تنظيم سازي جي اعلان بعد ملير جي پي ايس 86 تي چونڊيل نمائندن ۽ ورڪرن جو هنگامي اجلاس، من پسند عهديدار ٿاڦڻ تان ٽن يونين ڪاميٽين جي چيئرمينن، هڪ وائيس چيئرمين پاران استعيفا جو اعلان، تازو پي ايس 86 تي نامزد ڪيل جنرل سيڪريٽري پاران پڻ ڪم ڪرڻ کان معذرت، ان ڏس ۾ ملير جي پي ايس 86 جي ورڪرز اجلاس ۾ پي ايس 86 جي اڳوڻي صدر اختر يوسف عارفاڻي، جاويد تاج، يونين ڪاميٽي چوڪنڊي جي چيئرمين رشيد پنهور ۽ وائيس چيئرمين حاجي منظور عارفاڻي، يوسي ڀينس ڪالوني جي چيئرمين جاويد اقبال ڪاڪو، يوسي صالح محمد جي چيئرمين انور لاشاري، ڪائونسلر صلاح الدين عارفاڻي، بشير لاشاري، محمد بلوچ، رحيم شاهه، پپو مڪوانا، نصير بروهي، نياز سواتي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ يونين ڪاميٽي چوڪنڊي کي پارٽي جي تنظيم سازي ۾ نظرانداز ڪرڻ تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو، اجلاس ۾ يونين ڪاميٽي چوڪنڊي جي چيئرمين رشيد پنهور ۽ وائيس چيئرمين حاجي منظور عارفاڻي، يوسي ڀينس ڪالوني جي چيئرمين جاويد اقبال ڪاڪو، يوسي صالح محمد جي چيئرمين انور لاشاري، ڪائونسلر صلاح الدين عارفاڻي، بشير لاشاري، محمد بلوچ، رحيم شاهه، پپو مڪوانا، نصير بروهي، نياز سواتي استعيفائون ڏين جو اعلان ڪيو، پي ايس 86 جي اڳوڻي صدر اختر يوسف عارفاڻي ۽ ٻين چيو ته تنظيم سازي ۾ اسان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، قربانيون ڏيندڙ سينيئر ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري ٻاهريان آيلن کي مڙهيو ويو آهي، جيڪو فيصلو اسان کي قبول ناهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language