اسلام آباد:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداواري معاملن بابت معاون خصوصي هارون اختر خان سان اسلام آباد ۾ روسي وفد ملاقات ڪئي، جنهن جي اڳواڻي ڊينس نزاروف ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفي تعاون ۽ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ صنعتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. هارون اختر خان 5 جولاءِ 2025 تي هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي روس روانو ٿيندو. دوري جو مقصد اسٽريٽجڪ تعاون تي ڳالهيون ڪرڻ، سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري جي واڌاري ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ فني معاونت جي امڪانن جو جائزو وٺڻ آهي. هارون اختر خان روس جي مشهور سيڙپڪارن ۽ ڪمپنين سان ملاقاتون ڪندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language