welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ۾ هلندڙ مهيني ۾ 2 کان 3 ڀيرا مينهن پوڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي:(خميس 03 جولاءِ 2025ع)موسميات جي ماهر انجم نذير هن مهيني ڪراچي ۾ 2 کان 3 ڀيرا مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي، انجم نذير چيو ته ڪراچي ۾ 9 کان 11 جولاءِ تائين هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. هن چيو ته جولاءِ جي وچ کان ڪراچي ۾ 2 کان 3 ڀيرا مينهن جا امڪان آهن ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ به هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. موسميات جي ماهر موجب، هن وقت ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ مون سون جون برساتون پئجي رهيون آهن. پنجاب جي مٿانهين ۽ اتر اوڀر وارن علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته چراٽ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 92 ملي ميٽر مينهن رڪارڊ ڪيو ويو. هن وقت ملڪ ۾ ڪٿي به ڪڪر ڦاٽڻ جي صورتحال ناهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے