welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جسٽس سرفراز ڊوگر اسلام آباد، جسٽس جنيد غفار سنڌ، جسٽس عتيق پشاور، جسٽس روزي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس مقرر

آسلام آباد:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس سرفراز ڊوگر کي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، جسٽس جنيد غفار کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس عتيق شاهه کي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ، جسٽس روزي خان کي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. رپورٽ موجب چئني صوبائي هاءِ ڪورٽس ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري لاءِ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جديشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه جوڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي دوران اعتراض اٿاريو ۽ چيو ته 26هين آئيني ترميم تي فيصلو پهريان ٿيڻ گهرجي، جنهن تي جسٽس منيب اختر به سندس حمايت ڪئي. ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي 2 ميمبرن جوڊيشنل ڪميشن به جسٽس منصور شاهه جي راءِ جي حمايت ڪئي، ڪي پي ڪي جي قانون واري وزير به جسٽس منصور علي شاهه جي راءِ سان اتفاق ڪيو. جوڊيشنل ڪميشن جي اجلاس ۾ سينارٽي لسٽ ۾ سرفهرست جسٽس سرفراز ڊوگر کي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، جسٽس جنيد غفار کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس عتيق شاهه کي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ، جسٽس روزي خان کي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ٻئي پاسي مختلف هاءِ ڪورٽس جي مستقل چيف جسٽس جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان(جي سي پي) جي اجلاس کان اڳ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد ڪامران خان ملاخيل انهي ڳالهه جي نشاندهي ڪئي هئي ته جسٽس(ر) نذير احمد لانگو جي بطور ميمبر اجلاس ۾ مسلسل شرڪت آئين جي آرٽيڪل (5)175 اي جي ڀڃڪڙي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے