اسلام آباد:(خميس 03 جولاءِ 2025ع)پگهارن جي معاملي تي دفاع واري وزير خواجه آصف جي مسلسل تنقيد ۽ الزامن کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو.
ذريعن موجب اسپيڪر اياز صادق پنهنجي پگهار جو معاملو وزيراعظم تي ڇڏيندي چيو ته پگهار جي معاملي سان منهنجو ڪوبه تعلق نه آهي نه ئي دلچسپي، پگهار وڌائڻ جو فيصلو وفاقي ڪابينه جو آهي، منهنجو نه.
اسپيڪر آفيس جي ذريعن خط ۾ لکيو آهي ته بيشڪ منهنجي پگهار نه وڌايو، پر منهنجو انهي معاملي سان ڪوبه ڏيڻ وٺڻ نه آهي. ذريعن موجب اياز صادق وڌندڙ پگهار وٺڻ کان انڪار ڪيو، اسپيڪر قومي اسيمبلي خواجه آصف جي الزامن جو جواب ڏيڻ کان به پاسو ڪيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language