
اسلام آباد:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري صدر آصف علي زرداري جي استعيفيٰ بابت هلندڙ افواهن تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته صدر زرداري جي اسعتيفيٰ جون افواهون هٿ ٺوڪيون ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهن.
هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ صدر آصف علي زرداري ثابت ڪيو آهي ته اسان ڪڏهن به ميدان ناهيون ڇڏيندا، تاريخ گواهه آهي ته صدر آصف علي زرداري آمريت ۽ قيد کي منهن ڏنو پر پوئتي نه هٽيو.
شازيه مري چيو ته اسان جي اتحادين سان سٺا لاڳاپا آهن، 4 صوبائي اسيمبلين، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اڪثريت جي ضرورت آهي انهي لاءِ اهڙي ڪنهن سوال جو ڪوبه جواز نه آهي. صدر زرداري اهو واحد سياستدان آهي جنهن صدارتي اختيار پارليامينٽ کي ڏنا. هن چيو ته صدر زرداري جي سياسي بصيرت جي بدولت چئني اڪائين کي صوبائي خودمختاري ملي، جڏهن ملڪ مشڪلات ۾ آئي ته صدر ئي هو جنهن پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو.
شازيه مري وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري ملڪ جو پهريون سويلين صدر هوندو جيڪو پنهنجون 2 صدارتي مدتون مڪمل ڪندو. انهي کان علاوه پارٽي جي سينئر اڳواڻ شيري رحمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته صدر زرداري جي استعيفيٰ جون ڳالهيون بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ آهن اهي افواهون هڪ منظم سازش جي تحت جمهوري ڍانچي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهن. عوام اهڙين ڪوڙن خبرن، افواهن ۽ منفي پروپيگنڊا جو حصو نه بڻجي.
هن وڌيڪ چيو ته صدر زرداري هر نازڪ وقت ۾ جمهويت جو جهنڊو بلند رکيو، هو جمهوري استحڪام جي علامت ۽ آئيني اقدار جو سچو نگهبان آهي. صدر پنهنجي مرضي ۽ سياسي بصيرت سان سمورا اختيار پارليامينٽ ڏانهن منتقل ڪيا.
شيري رحمان چيو ته اڄ صدر آصف زرداري اتحاد حڪومت جي توازن ۽ استحڪام جو سڀني کان اهم ٿنڀو آهي، اڄ به هو پارلياماني نظام جو اصل محافظ ۽ آئيني تسلسل جو ضامن آهي. صدر زرداري جي موجودگي آئين، پارليامينٽ ۽ جمهوري ادارا محفوظ رهڻ جي ضمانت آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language