
غزه:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)غزه ۾ تازين اسرائيلي حملي ۾ وڌيڪ 24 فلسطيني شهيد ٿي ويا، غزه جي ٻن وڏين اسپتالن ايندھن جي شديد کوٽ جي رپورٽ ڏني ۽ خدشو ظاهر ڪيو ته اسپتالون 'خاموش قبرستان' ۾ تبديل ٿي سگهن ٿيون.
قطري نشرياتي اداري جي هڪ رپورٽ موجب، اسپتال جي ذريعن چيو ته اڄ صبح کان محاصره ٿيل فلسطيني علائقي تي اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ 24 ماڻهن مان گهڻا عورتون ۽ ٻار هئا.
اهي موت گهڻو ڪري مرڪزي ۽ ڏکڻ غزه جي علائقن ۾ رڪارڊ ڪيا ويا. الاقصيٰ اسپتال جي طبي ذريعن ٻڌايو ته مرڪزي غزه ۾ دير البله تي اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 فلسطيني شهيد ٿيا.
ذريعن موجب، حملي ۾ درجنين ماڻهو پڻ زخمي ٿيا. ان کان اڳ، الجزيره رپورٽ ڪئي ته مرڪزي غزه ۾ البريج پناهگير ڪئمپ تي اسرائيلي حملي ۾ 4 ماڻهو شهيد ٿيا.
ان دوران، غزه جي ٻن وڏين اسپتالن ايندھن جي شديد کوٽ سبب مدد جي اپيل ڪئي آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي ناڪا بندي جلد ئي انهن طبي سهولتن کي خاموش قبرستان ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.
غزه جي سڀ کان وڏي اسپتال، الشفاء جي ڊائريڪٽر، محمد ابو سلميہ، صحافين کي ٻڌايو ته 100 کان وڌيڪ نوان ڄاول ٻار ۽ لڳ ڀڳ 350 ڊائلسس مريض زندگي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته آڪسيجن اسٽيشن بند ڪيا ويندا، آڪسيجن کانسواءِ اسپتال موجود نه رهندي، ليبارٽريون ۽ بلڊ بينڪ بند ٿي ويندا ۽ ريفريجريٽر ۾ رت جون بوتلون خراب ٿي وينديون.
ابو سلميہ خبردار ڪيو ته اسپتال شفا جي جاءِ نه پر اندر وارن لاءِ قبرستان هوندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language