welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري، موسم خوشگوار ٿي ويو

حیدرآباد:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، برسات کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي ويو. دوداپور، قمبر شهدادڪوٽ، نصيرآباد، وارهه، سيوهڻ، دادو، دولتپورصفن، رتوديرو، بهرام، ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي ويو، برسات کان پوءِ بجلي غائب ٿي وئي، جڏهن ته روڊن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو جنهن سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. مٽياري، جوهي، واهي پانڌي، مورو، سجاول جوڻيجو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، ميهڙ، موئن جو دڙو، باڊهه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. ياد رهي ته موسميات کاتي ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز ۽ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے