welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

صرف غريب نه، وڏيون صنعتون، فرنس آئل پلانٽس به بجلي چوري ۾ ملوث آهن: اويس لغاري

اسلام آباد:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)وفاقي وزير توانائي اويس لغاري چيو آهي ته صرف غريب ماڻهو نه پر وڏيون وڏيون صنعتون، فرنس آئل پلانٽس به بجلي جي چوري ۾ ملوث آهن. پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير پاور ڊويزن اويس لغاري چيو آهي ته ورهاست ڪندڙ ڪمپنين سان ٿيندڙ نقصان عوام جي سامهون رکڻا آهن. ڊسڪوز سال 23.24 ۾ 591 ارب جي نقصانن جو بار وڌو. جيڪڏهن اهي نقصان نه ٿين ها ته ملڪ جو قرض لاهڻ ۾ آساني ٿئي ها. هن چيو ته پوري حڪومت ۽ ڪابينه انهي معاملي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو. حڪومت وڏي ارادن سان ڊسڪوز کي صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڊسڪوز جي بورڊ ۾ پنهنجي سوچ ۽ حڪمت عملي جي تحت مقرري ڪئي. پاور ڊويزن ڊسڪوز ۾ سفارشن جو ڪلچر ختم ڪيو. اويس لغاري چيو ته هڪ سال بعد گڊ گورننس جي تحت ڊسڪوز جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. وزيراعظم جي ليڊرشپ ۽ ڊسڪوز جي بورڊ جو ٿورو ادا ڪريان ٿو.30 جون 2025 تائين ڊسڪوز جي نقصانن کي 191 ارب روپيه گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. وفاقي وزير ٻڌايو ته 100 ارب روپيه لاڳيتو نقصان گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. گذريل سال 591 ارب جي مقابلي هاڻ 399 ارب جا نقصان ٿيا. ڊسڪوز ۾ ٻن قسمن جا نقصان آهن، ڊسڪوز گذريل سال بلن جا 315 ارب روپيه ريڪور نه ڪيا هئا، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بلن جي ريڪوري کي 96 سيڪڙو تائين کڻي ويا آهيون. هن چيو ته بجلي چوري جي مد ۾ گذريل سال 276 ارب روپين جي بجلي چوري ڪئي وئي. ڪجهه ڊسڪوز بهتر ڪم ڪيو ۽ چوري گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. نقصانن جي مد ۾ جيڪا صرف بجلي چوري جا نقصان گهٽ ٿيا اهي 10 کان 11 ارب روپيه آهن. اويس لغاري چيو ته بجلي چوري صرف غريب ماڻهو نٿو ڪري وڏيون وڏيون صنعتون، فرنس آئل پلانٽس به بجلي چوري ۾ ملوث آهن. ليسڪو سڀني کان بهتر ڪم ڪيو ۽ نقصان گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. ليسڪو بجلي چوري ۾ ملوث تمام وڏي ڪارروائي ڪئي. هڪ وڏي صنعت جيتري چوري ڪندي آهي، ايتري چوري پوري هڪ ڳوٺ ۾ به نه ٿيندي آهي. هن ٻڌايو ته هن سال بهتري جو سلسلو جاري رکنداسين جنهن سان ايندڙ سال نقصان وڌيڪ گهٽ ٿيندا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے