welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عمران خان جي پٽن کي پاڪستان اچڻ تي گرفتار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني پئي وڃي: جمائما

لنڊن:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما گولڊ اسمٿ پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته منهنجي پٽن قاسم خان ۽ سليمان خان کي پاڪستان اچڻ تي گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. جمائما پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو(منهنجي ٻارن کي پنهنجي والد عمران خان سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي، هو تقريبن ٻن سالن کان جيل ۾ اڪيلائپ جون تڪليفون برداشت ڪري رهيو آهي، پاڪستاني حڪومت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سندس پٽ ملاقات جي لاءِ ايندا ته انهن کي به گرفتار ڪيو ويندو، اهو ڪنهن جمهوريت يا فعال رياست ۾ نه ٿيندو اها سياست نه، ذاتي انتقام آهي.) ٻئي طرف عمران خان جي پٽ قاسم خان به پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته منهنجي والد ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان هاڻ 700 ڏينهن کان وڌيڪ وقت جيل ۾ گذاري ڇڏيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ وقت انهي کي اڪيلائي ۾ رکيو ويو. انهي کي پنهنجي وڪيلن تائين پهچ نٿي ڏني وڃي نه ئي خاندان سان ملاقات جي اجازت آهي. اهو اسان(انهن جي ٻارن) سان مڪمل طور تي ڪٽجي چڪو آهي. حالانڪه انهي جي ذاتي ڊاڪٽرن کي به اندر وڃڻ جي اجازت ناهي، اهو انصاف ناهي، اها هڪ اهڙي شخص کي اڪيلو ڪري ٽوڙڻ جي ڪوشش آهي جيڪو قانون جي حڪمراني، جمهوريت ۽ پاڪستان جي لاءِ اٿي بيٺو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے