باجوڙ:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ مولانا خان زيب سميت 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.
رپورٽ موجب پوليس ٻڌايو ته اي اين پي اڳواڻ مولانا خان زيب امن پاسون جرگي جي سلسلي ۾ علائقي ۾ مهم هلائي رهيو هو ته شنڊني موڙ جي هنڌ تي انهي کي فائرنگ جو نشانو بنايو ويو جنهن سبب هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
پوليس اختيارين موجب واقعي ۾ مارجي ويل ويل ۽ زخمي ماڻهن کي مقامي اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن باجوڙ ۾ بدامني، بم ڌماڪي جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان شهر ۾ مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي نمائندن، عالمن، صلاحڪارن ۽ اڳواڻن 13 جولاءِ تي(امن پاسون) منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language