ملیر:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)هزارين سال قديمي ڳوٺ دريافت، قديمي گهر، چوپائي مال جون نشانيون، عورتن جا زبردست هار هٿ ملير ۾ سنڌو تھذيب جو ننڍي ۾ ننڍو ماڳ دريافت ٿيو آهي.
موئن جو دڙو جي عروج واري دور جون نشانيون هٿ ڪيون ويون آهن.
آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ آمريڪن آرڪيالاجي ٽيم سان گڏ ماڳ هٿ ڪري ورتو آهي.
سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ سامهون اچي وئي، آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ ملير ندي جي ڪڙ تي ڊملوٽي ڀرسان ماڳ هن وقت (الله ڏنو جو مقام) جو نالو ڏنو ويو آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته ماڳ مان جيڪي نشانيون مليون آهن اهي موئن جي دڙو جي عروج جو دور ٻڌايو پيو وڃي.
ڊپٽي ڪمشنر ملير سليم الله اوڍو روينيو جي آفيسرن سان گڏ دورو ڪري ماڳ کي محفوظ ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language