
میرپورخاص:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)ميرپورخاص ۾ تعليم کاتي جي استادن سميت هيٺين گريڊن جي عملدارن مان 72 ملازمن جي گهر وارين ۽ ڪجھ عورت ملازمن طرفان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان وظيفو وٺڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي.
اهڙي انڪشاف کان پوءِ چيف سيڪريٽري پاران رقم جي واپسي لا۽ هدايتون جاري ڪيون ويون جنهن کان پوءِ عملدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ميرپورخاص ضلعي جي تعليم کاتي جي استادن، ليب اٽينڊنٽ، چوڪيدار، مالهي، پٽيوالن، ڪلرڪن سميت ٻين هيٺين گريڊ جي ننڍن ملازمن مان 72 ملازمن جي گهر وارين ۽ ڪجھ عورت ملازمن پاران پاڻ کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ ڪرائي وظيفو ورتو ويو آهي، اهڙي جاچ بعد چيف سيڪريٽري سنڌ پاران لاڳاپيل کاتن کي رقم واپس ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪندي لسٽون موڪليون ويون آهن.
ميرپورخاص ضلعي جي تعليم کاتي جي لسٽ پهچڻ سان عملدارن ۾ ٿرٿلو متل آهي، جڏهن ته آفيس ۾ موجود عملدارن ٻڌايو ته کنيل رقم ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري بي آ۽ ايس پي کاتي ۾ جمع ڪرائي ويندي ، اهڙن ملازمن ۾ عبدالرزاق، علي لياقت، رميش ڪمار، علي اعجاز، محمد عمر، الهبچايو، محمد عثمان، وليڏنو، محمد يوسف، اياز علي، محمد اسماعيل، محب خان، ملهار، محمد يوسف، محمد اسحاق خان، ارشد، غلام نبي، ممتاز علي، علي محمد، حسين بخش، سانوڻ، امين محمد، ارباب علي، ڀورو، محمد ساوڻ، فدا حسين، هرسنگھ، رضا محمد، اجمل، گيانچند، ذوالفقار علي، امرشي، حاڪم علي، نوراحمد، ڪريم داد، نورمحمد، عطامحمد، عبدالحميد، مختيار علي، علي غلام، ڏانو، سونيا، سائينداد، محمد صديق، ساجده پروين، محمد الياس، گل محمد، محمد اڪبر، طاهر علي، غلام زهره، امرچند، علي حسن، امير احمد، واگهو، محمد حسن، نثار احمد، محمد صديق، مانو، هيمنداس، سهراب، عمر، شمشاد راڻي، دلبر، نور زمان، دريا خاتون، گلزار حسين، خدابخش، الاهي بخش، يارمحمد ۽ سنگرام شامل آهن. انهن جون زالون جنت، پريمي، گل النساءِ، حنيفان، نجمه، لطيفان، نورجهان، نجما، منظوران، فاطمه ۽ ٻيون شامل آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language