ڪراچي:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ۾ ٽرئفڪ حادثن ۾ جانيون وڃڻ شروع ٿي ويون آهن.
شهر فيصل بلوچ ڪالوني پل جي ويجهو ٽرئفڪ حادثي ۾ هڪ شخص فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. ريسڪيو اهلڪارن لاش ۽ زخمي شخص کي اسپتال منتقل ڪيو. فوت ٿيل جي سڃاڻپ شهزاد جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو فياض احمد جو پٽ آهي.
اکين ڏٺي شاهد شاهين چيو ته تيز رفتاري سبب ٻه موٽرسائيڪلون ٽڪرائجي ويون. حادثي جي اطلاع ملڻ تي پوليس به موقعي تي پهچي وئي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language