لياري:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)اسسٽنٽ ڪمشنر اڄ کان لياري جي خستہ حال عمارتن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
اسسٽنٽ ڪمشنر لياري شهريار حبيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊهي ويل عمارت جي چوڌاري ٽن عمارتن جي حالت به خراب آهي، ۽ ٽنهي خستہ حال عمارتن کي خالي ڪرايو ويو آهي.
شهريار حبيب چيو ته متاثر ٿيل علائقو سيل ڪيو ويو آهي، ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو، ۽ عمارت جي مالڪ ۽ ٻين ذميوار ڌرين خلاف پڻ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language