
ممبئی:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)بالي ووڊ جي اداڪاره ڪرشمه ڪپور جي اڳوڻي مڙس ۽ ڀارت جي ارب پتي واپاري سنجي ڪپور جي اوچتي ديهانت کان پوءِ سندس ڪروڙين روپين جي ملڪيت خبرن جي زينت بڻيل آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب سنجي ڪپور ديهانت وقت 30 هزار ڪروڙ ڀارتي روپين جي ملڪيت جو مالڪ هو ۽ انهي ملڪيت جو اهم حصو سونا گروپ مان حاصل ڪيو ويندو آهي.
انهي ڪمپني جي حوالي سان سنجي جي والده راني ڪپور دعويٰ ڪئي آهي ته سونا گروپ جا وڌيڪ شيئرز منهنجي ملڪيت آهن پر ڪجهه ماڻهو خانداني ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن پر انهن جي طرفان ڪنهن به شخص کي سونا گروپ جو نمائندو مقرر نه ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف راني ڪپور جي رضامندي کان سواءِ منعقد ڪيل سالياني گڏجاڻي ۾ سنجي ڪپور جي گهر واري پريا سچديو ڪپور کي باضابطه طور تي نان ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته راني ڪپور دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجو بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيو ويو آهي جنهن سبب سان مالي طور تي پريشان حال آهيان.
ياد رهي ته گذريل مهيني جون ۾ برطانيه ۾ پولو ميچ دوران سنجي ڪپور دل جو دورو پوڻ سبب اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو هو جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته سنجي ڪپور جي اڳوڻي گهر واري ڪرشمه ڪپور طرفان به سنجي جي ملڪيت ۾ حصي جو مطالبو ڪيو ويو آهي پر ڪرشمه ۽ انهي جي ٽيم جي حوالي سان في الحال ڪوبه باضابطه بيان جاري نه ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ذريعا اها به دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ڪرشمه جو ڪنهن به طرح سان ڪنهن به ملڪيت سان ڪوبه تعلق نه آهي اها ڪنهن به طرح سان ملڪيت واري معاملن ۾ ملوث نه آهي پر ڪرشمه جا ٻار سنجي ڪپور جا حقيقي وارث آهن جن کي انهن جو حصو ڏنو ويندو.
ياد رهي ته سنجي ڪپور پهرين شادي 1996 ۾ فيشن ڊيزائنر ننديتا مهتاني سان ڪئي هئي جيڪا 2000 تائين هلي سگهي جنهن کان پوءِ 2003 ۾ سنجي ڪپور ڪرشمه ڪپور سان شادي ڪئي هئي جنهن مان سندس 2 ٻار آهن.
انهي جوڙي 2016 ۾ عليحدگي اختيار ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ڪرشمه ڊگهي قانوني جنگ کان پوءِ ٻارن کي حاصل ڪري ورتو جيڪي هاڻ والده سان گڏ ممبئي ۾ رهائش پذير آهن. ڪرشمه سان طلاق جي هڪ سال کان پوءِ سنجي پريا سچديو نالي ماڊل سان ٽئين شادي ڪئي هئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language