نوشڪي:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تي ڀائرن ڳورهاري ڀيڻ ۽ انهي جي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو.
ليويز اختيارين موجب پنجگور جو رهواسي شغيب خان پنهنجي ڳورهاري زال ۽ ڀاءُ سان گڏ ڪوئته اچي رهيو هو جتي مستونگ جي علائقي نڪپاس نوشڪي ڪراس ڀرسان هو هجي نجي هوٽل ۾ ترسيا ته اتي هٿياربندن فائرنگ ڪري زال مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو.
اهڙي اطلاع ملڻ تي ليويز موقعي تي پهچي لاشن کي اسپتال پهچايو. ليويز ٻڌايو ته پنجگور جي علائقي چنڪان جي محمد شعيب تقريبن ست سال اڳ ڪوئٽه جي علائقي هزار گنجي جي رهواسي عورت بينظير سان ڪورٽ ميرج ڪئي هئي. ڪجهه وقت اڳ شعيب جو پنهنجي ساهورن سان راضي نامو ٿي ويو هو. گذريل ڏينهن مقتوله جي ڀائرن ٻنهي زال مڙس کي دعوت جي بهاني ڪوئٽه گهرايو هو.
مقتول ڪوئٽه جي لاءِ نڪتا ته رستي ۾ رات ٿيڻ تي نڪپاس ڀرسان هڪ هوٽل ۾ رات گذاري، صبح جو مقتوله عورت جي ڀائرن ٽيليفون ڪري انهن جي لوڪيشن معلوم ڪئي ۽ اتي پهچي ٻنهي زال مڙسن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا. ليويز ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language