راولپنڊي:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته معرڪه حق ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت دهشتگرد گروپن جي ذريعي هائبرڊ جنگ کي وڌائي رهيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير نيشنل ورڪشاپ بلوچستان جي 16هين سيشن جي شرڪت ڪندڙن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سول سوسائٽي ۽ تعليم جا ماهر به شريڪ ٿيا.
جنرل عاصم منير ڀارت طرفان دهشتگرد عناصرن جي سرپرستي جي مذمت ڪندي چيو ته فتنته الهندستان ۽ فتنته الخوارج جو انجام اهوئي ٿيندو جيڪو معرڪه حق ۾ انهن جي آقائن جو ٿيو. هن چيو ته دهشتگردي نه مذهب ڏسندي آهي نه فرقيوارانه نسل، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي سطح تي اجتماعي عزم ۽ يڪجهتي ضروري آهي.
آرمي چيف ڀارت طرفان دهشتگرد عناصرن جي سرپرستي کي بلوچستان جي عوام جي حب الوطني کي نشانو بنائڻ جي ناڪام ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته ملڪ کي پيش ايندڙ داخلي يا خارجي خطرن جي صورت ۾ قومي وقار ۽ عوام جي سلامتي جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان علاقائي امن لاءِ پرعزم آهي، پر هر خطري جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language