welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)اسٽيٽ بينڪ وياج جي شرح کي 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد پريس ڪانفرنس دوران نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته وياج جي شرح کي ايندڙ 2 مهينن جي لاءِ 11 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته سمورا معاشي اعشاريه ڏسي وياج جي شرح کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو، معاشي اعشارين ۾ بهتري آئي آهي، معيشت جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 7.2 سيڪڙو آهي، مئي ۽ جون ۾ مهانگائي جي شرح ڪجهه وڌي آهي، اپريل کان مهانگائي ۾ اضافي جو رجحان شروع ٿيو، گذريل سال جي مقابلي ۾ برآمدات ۾ 4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۾ اضافو ٿيو ۽ 38 ارب ڊالر تائين پهچي ويا، گذريل سال مٽاسٽا جا ذخيرا 30 ارب ڊالر هئا، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر چيو ته بيروني کاتن تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے