welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وزيراعظم جي آذربائيجان جي صدر سان ملاقات: ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق

باڪو:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليف سان آذربائيجان جي راڄڌاني باڪو ۾ ملاقات ڪئي جتي ٻنهي اڳواڻنٻطرفن لاڳاپن، واپار، سرمائيڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. اها ملاقات اقتصادي تعاون تنظيم(اي سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم اجلاس جي مثالي ميزباني تي صدر الهام عليف کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ آذربائيجان جي شهر لاچين جي تازي دوري جي دوران پاڪستاني وفد جي پرجوش ميزباني تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم ڀارت سان تيازي ڇڪتاڻ جي دوران پاڪستان جي حمايت تي صدر علييف ۽ آذربائيجان جي عوام جو خصوصي ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان به هميشه آذربائيجان سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو آهي. ملاقات جي دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرمائيڪاري جي جاري منصوبن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، واپار ۽ سرمائيڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل سرمائيڪاري جي امڪانن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف انهي موقعي تي صدر الهام علييف کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت به ڏني.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے