welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پي ٽي آءِ باني 10 محرم کان پوءِ تحريڪ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي: عليمه خان

راولپنڊي:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع)عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته پي ٽي آِ باني 10 محرم کان پوءِ تحريڪ جي شروعات ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته 27هين ترميم جي بجاءِ بادشاهت قائم ڪئي ويئ آهي، عوام پنهنجي آزادي جي لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري، غلامي کان بهتر آهي ته جيل ۾ ئي رهان. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جيڪا جيل ڪاٽي رهيو آهي اها سندس مخالف سوچي به نٿا سگهن، انهي حوالي سان عمران خان ٻڌايو ته هو 22 ڪلاڪ سيل ۾ هوندو آهي. صرف 2 ڪلاڪن جي لاءِ کيس ٻاهر ڪڍندا آهن. عليمه خان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني کي ڏنل سموريون جيل سهولتون ختم ڪيون ويون آهن. انهي کي ٻارن سان ڳالهائڻ نٿا ڏين، ڪتابون نٿا ڏين، نوازشريف ۽ ان جي ڌيءَ ته ريسٽ هائوس ۾ رهندا هئا، جتي سموريون سهولتون موجود هيون، نوازشريف جي ته ماني به گهر کان ايندي هئي، هڪ سئو ماڻهو ملاقات جي لاءِ ويندا هئا. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني هدايتون ڏنيون آهن ته 10 محرم کان پوءِ پارٽي تحريڪ شروع ڪئي وڃي اسان تحريڪ جا سمورا پلان تيار ڪري چڪا آهيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے