welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڄامشورو: لوڪ فنڪار علڻ فقير جي 25هين ورسي انتهائي سادگي سان ملهائي وئي، لفظن جي ڀيٽا پيش

ڄامشورو:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع)ڄامشوري ۾ لوڪ فنڪار علڻ فقير جي 25هين ورسي ملهائي وئي، دنيا ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کي منفرد انداز ۾ پيش ڪندڙ سنڌ جي لوڪ فنڪار علڻ فقير جي 25 ھين ورسي انتھائي سادگي سان ملھائي وئي. علڻ فقير يادگار ڪميٽي ۽ جاڳرتا فورم پاران سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي فيز ٽو ۾ علڻ فقير جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي فاتح خواني پڙھي. ان موقعي تي کيس لفظن جي پيٽا پيش ڪندي سندس وارثن، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ مداحن علڻ فقير جي پٽ فيروز علڻ، سنڌ يونيورسٽي جي ملازم اڳواڻ محمد علي گھانگهرو، روشن برھماڻي، ڊاڪٽر راج ڪمار رتناڻي، مير نواز ملاح، شيخ عبدالله ڪوھستاني ۽ ٻين چيو آھي ته سنڌ جو لوڪ راڳي مرحوم علڻ فقير سنڌ سميت ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ شاھ عبداللطيف جي پيغام کي وستي وستي واهڻ واهڻ پهچايو ۽ سنڌ جي لوڪ قومي لباس پٽڪي ۽ اجرڪ کي ھڪ نئين انداز ۾ پڻ پيش ڪيو، هن قومي فنڪار پنھنجي سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ھن جا ڪلام اڄ به سنڌ سميت ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ گونجي رھيا آھن. ھنن وڌيڪ چيو ته محرم الحرام سبب اسان کيس انتھائي سادگي سان کيس ياد ڪندي کيس پيٽا پيش ڪئي آھي. واضح رهي ته علڻ فقير سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ملازم هو، پر هن ڀيري به سنڌ يونيورسٽي انتظاميا کيس وساري ڇڏيو، نه ڪا تقريب ڪوٺائي وئي ۽ نه ئي ڪنهن انتظامي عملدار سندس مزار تي حاضري ڀري.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے