
پشاور:(جمعو 04 جولاءِ 2025ع)مسلم ليگ(ن) پختونخواهه اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جي ورهاست کي عدالت ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي.
خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جي ورهاست جو معاملو ٻڏتر جو شڪار ٿي ويو. مسلم ليگ(ن) اليڪشن ڪميشڻ جي مخصوص سيٽن جي ورهاست کي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو.
مسلم ليگ(ن) بيرسٽر ثاقب رضا جي حوالي سان درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مسلم ليگ(ن) جي خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ 7 سيٽون آهن. اليڪشن ڪميشن جمعيت علماءِ اسلام(ف) کي 7 سيٽن تي 10 مخصوص سيٽون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته مسلم ليگ(ن) کي 7 جنرل سيٽن تي 8 مخصوص سيٽون ڏنيون ويون آهن.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ(ن) صوبي ۾ 6 سيٽون کٽيون آهن، هڪ آزاد ايم پي اي به 3 ڏينهن جي اندر شامل ٿيو آهي. اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ(ن) جي 6 سيٽن جي حوالي سان مخصوص سيٽون ڏنيون آهن.
مسلم ليگ(ن) جي داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. عدالت اليڪشن ڪميشن کي ٻيهر ورهاست بابت حڪم جاري ڪري ۽ درخواست تي حتمي فيصلي تائين مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کي حلف کان روڪيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language