
لنڊن:(خميس 31 جولاءِ 2025ع)پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جا پٽ سليمان ۽ قاسم خان آمريڪا جي دوري کانپوءِ واپس لنڊن پهچي ويا، باني پي ٽي آءِ جا پٽ جيل ۾ بند پنهنجي والد جي آزادي وارو معاملو اٿارڻ لاءِ آمريڪا ويل هئا، جتي هنن صدر ٽرمپ جي خاص نمائندي ۽ ڪيترن ئي ڪانگريسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. دوري دوران ڪنهن اهم آمريڪي ميڊيا پليٽ فارم جو اهتمام نه ٿي سگهيو. ان کان اڳ باني پي ٽي آءِ جي پٽ قاسم خان آمريڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته والد جي آزادي لاءِ صرف آمريڪا مان ئي اميد آهي، عمران خان جي آزادي لاءِ ڪنهن امڪاني رستي جي ڳولا ۾ آهيون ڇاڪاڻ ته هن وقت صورتحال خراب آهي ۽ لڳي ٿو ته حالتون وڌيڪ بگڙي سگهن ٿيون، قاسم خان وڌيڪ چيو ته پنهنجي والد جي جسماني صحت، قيد جي ماحول ۽ بنيادي سهولتن جي عدم فراهمي تي سخت ڳڻتي آهي، کيس سياسي بنيادن تي نشانو بڻايو پيو وڃي، صورتحال انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي برابر آهي. عمران خان جي پٽ عالمي برادري انساني حقن جي ادارن ۽ عالمي ميڊيا کي اپيل ڪئي ته هو والد بابت سياسي انتقامي ڪارروائين خلاف آواز بلند ڪن. آمريڪي دوري دوران صدر ٽرمپ جي خاص ايلچي حوصلو ڏنو، هن اسان جي ڳالهه مڪمل ڌيان سان ٻڌي اسان هن وقت صرف آمريڪا کان مدد جي اميد رکون ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language