
:(خميس 31 جولاءِ 2025ع)انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو پاران عورت کي هراسان ڪرڻ واري معاملي بابت ڪابينا ڪاميٽي ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا، شيرين اعجاز، ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ۽ انيس ھارون توڙي الزام ھيٺ آيل انساني حقن واري ڪميشن جو چيئرپرسن اقبال ڏيٿو ڪاميٽي آڏو پيش ٿيا، جڏهن ته قانون واري سيڪريٽري ۽ ٻين جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا، ذريعن موجب شيرين اعجاز ۽ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ڪاميٽي آڏو اقبال ڏيٿو تي هراسان ڪرڻ جو بيان رڪارڊ ڪرايو، ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو ته اقبال ڏيٿو مون سان فون تي بدتميزي ڪئي، مختلف وقتن تي چانھن پيئڻ لاءِ دعوتون ڏيندو رھيو۔ فشر فوڪ فورم جي پروگرام ۾ پڻ مونکي ڌمڪيون ڏنيون، قانون واري سيڪريٽري ڪاميٽي آڏو بيان ڏنو ته سي ايم آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ لکيل ھو ته ڪميشن جي چيئرپرسن ميمبرن جي گڏجاڻي ڪوٺائڻ کانسواء اڪيلي سر فيصلا ڪيا، رپورٽ جي روشني ۾ قابل ڏيٿو قانوني طور سيٽ تي نٿو ويھي سگهي، ھن ڪميشن جي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آھي، ذريعن موجب ڪابينا ڪاميٽي جي ميمبرن صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار، مڪيش چاولا ۽ خاص معاون راجوير سنگهه پاران اقبال ڏيٿو کي استعيفا ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي پر اقبال ڏيٿو استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو جو چوڻ ھو ته سي ايم آءِ ٽي سندس خلاف انڪوائري ڪرڻ جو قانوني اختيار نٿي رکي ۽ نه ئي انساني حقن واري کاتو کيس ھٽائي سگھي ٿو، جنهن تي قانون واري وزير ضياءَ لنجار چيو ته قانوني طور اوھانکي برطرف ڪرڻ جو سرڪار کي اختيار آھي پر جيڪڏهن اوھان استعيفا ڏيندا ته اوھانجي ڪيريئر لاءِ بھتر رھندو، ڪاميٽي پنهنجون سفارشون لاڳاپيل اختيارين کي اماڻيندي، ھوڏانھن صوبائي وزير ضياء لنجار جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪالھوڪي اجلاس ۾ انصاف جي تقاضائن کي پورو ڪرڻ لاءِ سڀني ڌرين جو موقف ٻڌو ويو. ڪاميٽي لکت ۾ پنهنجو فيصلو جاري ڪندي، شڪايت تي ايڪشن ۽ غير جانبدار توڙي شفاف طريقي سان ڪارروائي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language