
ڪراچي:(خميس 31 جولاءِ 2025ع)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه آزادي ڏهاڙي جي مناسبت سان سڄي صوبي ۾تقريبن جي منظم شيڊيول جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد شاھ چيو ته جشن آزادي جون تقريبون پهرين آگسٽ کان شروع ٿينديون. هيل آزادي جون تقريبون روايتي تقريبن کان اڳتي وڌي حب الوطني جو جذبو زنده ڪرڻ، سنڌ جي ثقافتي عظمت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ٻوڏ کانپوءِ عوام جي حوصلي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيون ويون آهن. هن واضح ڪيو ته هيل جشن آزادي ڀارت خلاف حق جي فتح جي حيثيت سان ملهائجي ٿو ته جيئن عوام کي آزاديءَ تي فخر ۽ مظلوم قومن سان همدرديءَ جو جذبو پيدا ٿئي. وڏي وزير ٻڌايو ته “اُڏام پاڪستان” جهڙا فليگ شپ پروگرامز به تقريبن جو حصو بڻايا ويندا. پھرين آگسٽ کان تقريبن جي شروعات ٿيندي، 5 آگسٽ تي ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ خلاف تقريب، 8 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ شاندار تقريب، ميئر اليون بمقابله منسٽرز اليون ڪرڪيٽ ميچ ، 9 آگسٽ تي معين خان اڪيڊمي ۾ قلندرز اليون بمقابلا ڀٽائي اليون، ملاکڙي جو مقابلو ٿيندو. 10 آگسٽ تي سکر ۾ تقريب، ڪلفٽن کان فريئر هال تائين گڏھ گاڏي ريس ۽ ميراٿن ، 11 آگسٽ تي اقليتن جي ڏينهن تي خاص تقريب، معذورن جو ميلو ، 13 آگسٽ تي ڪلچرل بوٽ فلوٽ، عورتن جي سائيڪل ريلي (ڪراچي کان چوڪُنڊي تائين)، 13-14 آگسٽ جي وچ واري رات جو نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ وڏو ڪنسرٽ ۽ آتشبازي، 9-11 آگسٽ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جون تقريبون جشن آزادي سان هم آهنگ ڪيون وينديون، وڏي وزير ٻڌايو ته اسپورٽس کاتي پاران به 114 کان وڌيڪ تقريبون ٿينديون جن ۾ عورتن جو ميلو، رڪشا ريلي، پينٽنگ ۽ سنگنگ جا مقابلا، مشاعرا، ونٽيچ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ريليون شامل آهن. هن چيو ته انساني زنجير ٺاهڻ واري تقريب ۾ هر شهري کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي وڏي وزير بهترين سجايل عمارتن، گهرن ، آفيسن. گاڏين سميت مختلف ڪيٽيگرين لاءِ انعامن جو اعلان ڪيو وڏي وزير چيو ته گورک هل ۽ ٿر جي سير لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهو انهن علائقن ۾ وڃي جشن ۾ حصو وٺي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ ٽريفڪ جي مڪمل رٿابندي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي نگراني هيٺ جاري آهي، هن عوام کان اپيل ڪئي ته تقريبن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڀرپور تعاون ڪن. وڏي وزير سڀني سياسي جماعتن کي دعوت ڏني ته انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪن ، انهي لاءِ دعوت ناما جلد موڪليا ويندا. هن چيو ته 14 آگسٽ تي تعليمي ادارا کليل رهندا، جتي تعليم کاتو خاص سرگرميون ڪندو. وڏي وزير سيد مراد شاھ پريس ڪانفرنس دوران صحافي جي انهي سوال ته ڇا هيل مزار قائد تي حاضري وقت ڪابينا جا ساڳيا چهرا هوندا يا ڪجهه چهرا تبديل ٿيندا؟ جي ورندي ڏيندي چيو ته 14 آگسٽ تي قائداعظم جي مزار تي حاضري وقت منهنجي مرضي آهي ته ڪابينا ۾ ڪنهن کي تبديل ڪريان ٿو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language