
اسلام آباد:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان يحييٰ آفريدي جي صدارت هيٺ نيشنل جوڊيشل پاليسي ساز ڪميٽي جو 53هون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ سنڌ سميت ملڪ جي سمورين هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز شرڪت ڪئي. اجلاس جي پڄاڻي تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ عدالتي سڌارن، انساني حقن، ڪيسن جي جلد فيصلي، ۽ عدالتي عملي جي تحفظ سميت ڪيترن ئي اهم فيصلن جو اعلان ڪيو ويو. پڌرائي مطابق ڪميٽي جبري گمشدگين جي وڌندڙ واقعن جو سخت نوٽيس وٺندي هڪ خاص ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪا انهن ڪيسن جو جائزو وٺي سفارشون ترتيب ڏيندي. ڪميٽي عدالتي آفيسرن کي ٻاهرين دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ پاليسي قدمن جي منظوري ڏني ۽ عدليه جي آزادي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. تجارتي ڪيسن جي جلد ٻڌڻي لاءِ ڪمرشل ليٽيگيشن ڪوريڊور قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته چونڊيل ضلعن ۾ ڊبل ڊاڪٽ ڪورٽ سسٽم جو تجربي طور آغاز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ته جيئن هڪ ئي عدالت ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس هڪ ئي وقت ٻڌي سگهجن. فوجداري نظام ۾ سڌارن لاءِ پراڻن فوجداري نظام ۾ بهتري جي لاءِ پراڻي فوجداري ڪيسن جي حل لاءِ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. عوام کي تڪڙو ۽ غير روايتي انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ اي ڊي آر (متبادل تڪراري حل) ۽ فيملي ميڊيئيشن سينٽرز جي قيام جي منظوري ڏني وئي، جيڪي ضلعي سطح تي قائم ڪيا ويندا. ضلعي عدليه کي جديد گهرجن مطابق بڻائڻ لاءِ عالمي معيار واري پاليسين تي اتفاق ڪيو ويو. نوجوان وڪيلن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ عدليه ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پروفيشنل ايڪسيلنس انڊيڪس متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي. جديد ٽيڪنالاجي کي مدنظر رکندي، عدالتي معاملن ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي استعمال بابت ضابطه اخلاق تيار ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي. حراست هيٺ آيل جوابدارن کي عدالت ۾ ويڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان لاءِ ايس پي اوز تيار ڪيا ويندا. پوليس آفيسرن جي عدالتي معاملن بابت تربيت لاءِ خاص ڪورس متعارف ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي ته جيئن عدالت ۾ پيش ٿيندي قانوني گهرجن جو مڪمل خيال رکيو وڃي. ان کان علاوه ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ٽيڪس ۽ مالي معاملن وارا ڪيس صرف ڊويزن بينچ ذريعي ٻڌا ويندا، سنگل بينچ کي اهي ڪيس نٿا ڏنا ويندا. ڪميٽي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي عورتن لاءِ بار روم، ڊي ڪيئر سينٽر، ۽ وڪيلن لاءِ هيٿ انشورنس جي قدمن کي ساراهيو ۽ انهن ماڊلز کي ٻين عدالتن تائين وڌائڻ جي تجويز ڏني. آخر ۾ ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سفارش ڪئي ته انتظامي عدالتن ۽ ٽربيونلن ۾ مقرر وزارتي عملي جي تبديلي کان اڳ لاڳاپيل پريزائيڊنگ آفيسر سان مشاورت لازمي ڪئي وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language