
سکر:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)سنڌو ۾ مختلف هنڌن تي وهڪرن ۾ واڌ ۽ لاٿ جاري آهي ڪالهه پنجاب جي ٽنهي بئراجن ڪالاباغ، چشما ۽ تونسا وٽ سنڌو ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ ريڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته تربيلا ڊيم وٽ سنڌو ۾ لاٿ اچڻ باوجود ننڍي ٻوڏ برقرار آهي، سنڌ ۾ ٽنهي بئراجن وٽ پاڻي وهڪرا وڌي رهيا آهن.. تربيلا ڊيم وٽ مٿانهين پاسي کان پاڻي 3 لک 13 هزار ۽ هيٺاهين پاسي 2 لک 88000 ڪيوسڪ ريڪاڊ ڪيو ويو. جنهن بعد ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1523.70 فوٽ تي پهچي وئي آهي. ڪابل نديءَ مان نوشهري وٽ سنڌوءَ ۾ 55300 ڪيوسڪ پاڻي داخل ٿي رهيو آهي. ڪالاباغ بئراج وٽ ڪالهه وهڪرا ڪجهه گهٽجي 3 لک 53619 ڪيوسڪ ٿي ويا. جڏهن ته چشما بئراج وٽ وهڪرا وڌي 4 لک 37116 ڪيوسڪ تي پهچي ويا. جڏهن ته تونسا بئراج وٽ ڪجهه لاٿ بعد مٿانهون وهڪرو 3 لک 60 هزار 535 ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 42735 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج تي پاڻي وهڪرا وڌي مٿانهين پاسي 3 لک 7788 ۽ هيٺاهين پاسي 2 لک 68988 ڪيوسڪ تي پهچي ويا سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن وٽ پڻ پاڻي وهڪرا وڌندڙ آهن. سکر بئراج جو مٿانهون وهڪرو 194370 ۽ هيٺاهون وهڪرو 141770 ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 65428 ۽ هيٺاهون وهڪرو 23883 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو. هوڏانهن پنجند وٽان پنجاب جي دريائن مان آيل 4305 ڪيوسڪ پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرايو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language