welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سينيٽ چونڊن سبب فضل الرحمان وري سياسي ملاقاتن جو مرڪز: ن ليگ بعد پ پ وفد جي ملاقات

پشاور:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)ڪي پي ۾ سينيٽ چونڊن جو شيڊول جاري ٿيڻ بعد مولانا فضل الرحمان ٻيهر سياسي ملاقاتن جو مرڪز بڻجي ويو، پيپلز پارٽي جي وفد ۽ جي يو آءِ ف سربراهه وچ ۾ ملاقات دوران اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي . ملاقات بعد خورشيد احمد شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سينيٽ اليڪشن ٿي رهيو آهي. جيڪي ڳالهيون اڳ ۾ طئه ٿيون هيون، انهن تي عمل ڪنداسين. هر پارٽي جو پنهنجو مينڊيٽ آهي. هن چيو ته اسان جو مولانا سان تعلق آهي، تنهن ڪري ان وٽ آيا آهيون. مولانا سان ڳالھه ٻولھه ٿي آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان جو ٽارگيٽ پنج سيٽون آهن. مولانا کي هڪ جنرل ۽ پيپلز پارٽي کي هڪ مخصوص سيٽ ملندي. جنهن ڏينهن هڪ به ميمبر وڌيڪ ٿيو ته عدم اعتماد اچي سگهي ٿو. صحافي سوال ڪيو ته ڇا هن ڀيري به هارس ٽريڊنگ ٿيندي. فيصل ڪنڊي جواب ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪوشش آهي ته هارس ٽريڊنگ نه ٿئي. صحافي سوال ڪيو ته ڇا اڳوڻي پي ڊي ايم گڏجي سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺندي. فيصل ڪنڊي چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته گڏجي سينيٽ اليڪشن ۾ حصو ورتو وڃي. فيصل ڪنڊي وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ عصر کان پوءِ انتهاپسند نڪري اچن ٿا. بلوچستان ۾ ڪالهه انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو. پوري قوم کي گڏجي امن آڻڻو پوندو. هڪ گرائونڊ ٻڌايو، جيڪو پي ٽي آءِ ٺهرايو هجي. گورنر خيبرپختونخواهه فيصل ڪريم ڪندي چيو ته تازو بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي پويان ڀارت جو هٿ آهي. ڀارت، عسڪري ميدان ۾ شڪست کان پوءِ دهشتگرديءَ ۾ تيزي ڪرائي رهيو آهي. افغانستان جي سرزمين اسرائيل ۽ ڀارت لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جو پاڙيسري ملڪ پنهنجي سرزمين اسرائيل ۽ ڀارت کي استعمال ڪرڻ ڏئي ٿو، ته پوءِ بهتر لاڳاپا ڪيئن قائم ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ 80 سيڪڙو دهشتگردي افغانستان جي سرزمين تان ٿي رهي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے