
حیدرآباد:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)لطيف آباد تعليم کاتي ۾ آء بي اي پاس اميدوارن کي آفر آڊر نه ملڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران تعليم کاتي لطيف آباد تعلقي ۾ ڀرٿيون پاليسي مطابق نه ڪرڻ تي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اميدوارن کي آفر آڊر ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت آرڊر جاري ڪري ايندڙ ٻڌڻي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس يوسف علي سعيد تي ٻڌل رڪني بئنچ ۾ لطيف آباد تعلقي جي 34 درخواستگذارن 2024 ۾ پنھجي وڪيل ايڊووڪيٽ شڪيل زئي معرفت داخل ڪرايل رخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان آء بي اي سکر جو امتحان پاس ڪيو سڀني ضلعن ۽ تعلقن کي آفر آڊر ڏنا ويا لطيف آباد تعلقي لاء سنڌ جي تعليم کاتي مختلف پاليسيون ٺاھي اميدوارن کي آفر آڊر نه پيا ڏنا وڃن اسان سان ناانصافي ٿي رھي آھي، آء بي اي سکر ۾ 2 کان اڍائي ھزار اميدوارن درخواستون ڏنيون پر ھن وقت تائين سنڌ سرڪار جو تعليم کاتو ڀرتي ڪرڻ لاء تيار ناھي سنڌ سرڪار جو تعليم کاتو اسان لطيف آباد تعلقي جي اميدوارن کي رڳو آسرا ڏيندو رھيو آھي پر ھن وقت تائين عمل نه ڪري سگھيو آھي عدالت تعليم کاتي جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوھان کي خبر آھي ته لطيف آباد تعلقي جون گھڻيون سيٽون خالي آھن؟ ۽ اوھان گھڻيون ڀرٿيون ڪيون ڪھڙي پاليسي تحت ڀرٿيون ڪيون تعليم کاتي جي عملدارن جي عدالت کي آگاھي ڏني ته 34 لطيف آباد تعلقي ۾ جي درخواستگذارن مان 10 اميدوارن کي آفر آڊر ڏئي چڪا آھيو باقي 24 اميدوارن کي ھن سال ۾ بجيٽ پروپوزل تحت منظور ٿيل آھي انھي وھنوار مطابق آفر آڊر ڏنا ويندا عدالت ريماڪس ڏيندي چيو ته آفر آڊر ڏيڻ ته اوھان فرض آھي اوھان اھي ته پھريان جاري ڪيو باقي جوائننگ بجيٽ پروپوزل تحت کڻي ڏيو ھن سڀني جو رائيٽ آھي آفر آڊر جاري ڪيا وڃن، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 5 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language