welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بدين ۾ پاڻي کوٽ: آبادگارن گڏجاڻي گھرائي ورتي، ٿرڪول روڊ تي ڌرڻي جو چتاءُ

بدين:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)سنڌو درياھه ۾ ٻوڏ، پر بدين جا واھ سڪل آبپاشي کاتي جي غفلت خلاف آبادگارن جو احتجاجي اجلاس ٿي گذريو. بدين ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن اڪرم واھ ٽيل آبادگار فورم جي سڏ تي آبادگارن پاران ايوان صحافت هال ۾ هڪ هنگامي اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ڪڍڻ، قاضيا شادي ۽ مير واھ سب ڊويزن جي آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ اڳواڻن عبدالشڪور ميمڻ، رضا محمد شاھ، عبدالحفيظ ميمڻ، بشير احمد نوتڪاڻي، عبدالشڪور نھڙيو، اياز علي بوھڙ، سيد ظفر علي شاھ، عابد شاھ، محبوب بوھڙ، شاھد احمد جمالي، علي حيدر پنھور، مختيار مرزا، ابو طالب خاصخيلي، اوڀايو پنھور، غلام مصطفيٰ سولنگي، سعيد پٺاڻ، مير طارق ٽالپر، حاجي غفار ڀرڳڙي، سيف الله جمالي، نبي بخش ملاح، محمد علي جمالي، محمد عثمان بجير، جان محمد گھراڻو، ربڏنو نوتيار، ڪبير احمد جمالي، محمد جمن بوھڙ، اسماعيل بروھي، عبدالمنان بوھڙ، اقبال بوھڙ ء ٻين خطاب ڪندي آبپاشي کاتي جي آفيسرن تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هن وقت خريف جي فصل پوکڻ جو وقت آهي پر واھن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري سندن اربين روپين جا ٻيجارا سڙي ناس ٿي ويا آهن انهن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ پاسي سنڌو درياھ ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي پر ٻئي پاسي بدين جي شاخن جي پڇڙين ۾ پيئڻ جو پاڻي به موجود ناهي، جنهن ڪري آبادگار ۽ هارين سميت علائقي جا رهواسي سمن وارو کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سيڊا (SEDA) جون آفيسون بدين ۾ هوندي به ڪو به آفيسر موجود ناهي، جنهن کي آبادگار پنهنجون شڪايتون پهچائي سگهن. اهو عمل آبپاشي کاتي جي مڪمل نااهلي ۽ غفلت کي ظاهر ڪري ٿو اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن چئن ڏينهن اندر بدين ضلعي جي سمورين شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻي نه پهچايو ويو ته آبادگار ٿرڪول روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هڻي ڇڏيندا ۽ پاڻي جي فراهمي تائين احتجاج جاري رکيو ويندو اجلاس بعد احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے