
لاھور:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس فيز 6 جي اتحاد ڪمرشل ۾ فليٽ ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل اداڪاره ۽ ماڊل حميرا اصغر کي لاهور ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف حميرا جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، رپورٽ موجب حميرا اصغر جو لاش 8 کان 10 مهينا پراڻو آهي، جسم جي ڪا به هڏي ٽٽل نه ملي، جسم جي هيٺين حصي جو گوشت مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو هو، لاش ڳرڻ جي آخري مرحلي ۾ هو، جسم ۾ ڪجهه ڪيڙا به هئا، حميرا اصغر جي وارن ۽ قميص جا ٽڪرا ڪيميڪل معائني لاءِ موڪليا ويا آهن، جڏهن ته جسماني معائني مان زيادتي جو پتو لڳائڻ ڏکيو آهي، هوڏانهن ڪراچي واسي شاهزيب سهيل ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي چيو آهي ته حميرا اصغر جو موت طبي ناهي ٿيو، کيس قتل ڪيو ويو آهي، پوليس به واقعي کي شڪي ٻڌايو آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته واقعي واري جڳهه ڏسي معلوم ٿئي ٿو ته کيس قتل ڪيو ويو آهي, عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته حميرا جي وارثن کي به ڪيس ۾نامزد ڪري جاچ ڪرائي وڃي، درخواست ۾ ايس ايس پي سائوٿ ۽ گذري ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ڌر بڻايو ويو آهي.
ماڊل حميرا اصغر سان واسطو ناهي، ڪوڙا الزام هنيا ويا: ڊاڪٽر حڪيم سجاد
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل اداڪارا ۽ ماڊل حميرا اصغر وارو مامرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر طب حڪيم سجاد چيو آھي ته اداڪارا سان سندس ۽ سندس پٽ جو ڪڏھن واسطو ئي ناھي رھيو، سوشل ميڊيا تي الزام ھڻندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ان ڏس ۾ ڪراچي ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل اداڪارا ۽ ماڊل حميرا اصغر جو گھر اندران لاش ملڻ ۽ سوشل ميڊيا تي ڊاڪٽر سيرم ۽ سندس گھر ڀاتين تي قتل ۾ ملوث ھئڻ واري ھڪ درخواست وائرل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر طِب حڪيم سجاد پنھنجي ٻن وڪيلن ايڊووڪيٽ وشن داس ۽ ايڊووڪيٽ محمد يحيٰ آرائين سان گڏجي ميرپورخاص ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته پورٽل تي ھڪ اڻڄاتل شخص پاران درخواست رکي وئي آھي ۽ ساڳئي وقت سوشل ميڊيا تي الزام لڳايا پيا وڃن ته سندس پٽ ۽ ھو پاڻ حميرا اصغر جي ڪيس ۾ ملوث آھن، جڏھن ته ھنن جو ڪڏھن حميرا اصغر سان ڪڏھن واسطو ئي ناھي رھيو، نه ھو ڪڏھن وٽن ميرپورخاص آئي آھي، نه ئي ھو ڪڏھن وٽس ڪراچي ويا آھن. ھن چيو ته ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ھڪ بليڪ ميلر ٽولو آھي، جيڪو کيس وڏي عرصي کان بليڪ ميل ڪندو رھيو آھي، اھو ٽولو کانئسن ڪڏھن ھڪ ڪروڙ ته ڪڏھن ٻن ڪروڙن جو ڀتو ڏيڻ جو مطالبو ڪندو رھيو آھي. ھن چيو ته سوشل ميڊيا تي اداڪارا سان سندس پٽ جي جيڪا تصوير رکيل آھي، اھا ايڊٽ ٿيل آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ھو سوشل ميڊيا ذريعي مٿس الزام ھڻندڙ خلاف قانوني ڪارروائي جو حق رکي ٿو.
ميڊيا لاش تي ڍنڍورو ته پٽيو، پر گهر مالڪ کان ڪا به پڇا نه ڪئي: حميرا جو ڀاءَ
لاهور(م ڊ) ڪراچي جي علائقي ڊفينس جي فليٽ مان مئل حالت ۾ ملندڙ ماڊل ۽ اداڪارا حُميــرا اصغر کي لاهور ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ مٽيءَ حوالي ڪيو ويو. ماڊل ۽ اداڪارا حُميــرا اصغر جي تدفين لاهور جي “پنڊي راجپوتن” قبرستان ۾ ڪئي وئي، ان کان اڳ حميرا جو لاش پهچڻ تي لاهور ۾ جذباتي منظر ڏٺا ويا، ويجها عزيز ۽ عام شهري غم ۾ ورتل نظر آيا. اداڪاره جي ڀاءَ نويد اصغر اهم سوال اٿاريندي چيو ته ميڊيا حميرا جي لاش تي ڍنڍورو ته پٽيو پر گهرمالڪ کان ته ڪا به پڇاڳاڇا نه ٿي، حميرا جو موبائل بند هئڻ سبب ان سان رابطو نه ٿيندو هو، اسان جي پڦي جي فوتگي سبب ڪراچي وڃڻ ۾ دير ٿي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڊي اين اي رپورٽ جو انتظار آهي ان کانپوءِ معاملي کي ڏٺو ويندو، ميڊيا کي اپيل آهي ته جاچ ۾ ڪا خامي آهي ته ان کي هاءِ لائيٽ ڪيو وڃي، جڏهن در ڀڳو ويو ته ڇا ڊبل لاڪ هو؟ ان کي به ڏٺو وڃي، اپارٽمينٽ ۾ سي سي ٽي وي نه هئي؟ ان کي به ڏسو، اسان جو ڪنهن مٿان شڪ ناهي، جاچ هلي رهي آهي، شفاف تحقيقات چاهيون ٿا. ڀيڻ آزاد ۽ بااختيار هوندي هئي،هن وڌيڪ چيو ته ڀيڻ کي اجازت ڏني هئي ته جيڪو توهان کي وڻي ڪيو هوءَ هر ڇهين مهيني يا سال کانپوءِ گهر ايندي هئي، ڏيڍ سال کان ڀيڻ سان اسان جو رابطو بلڪل ختم ٿي ويو هو. حميرا جي چاچي محمد علي جو چوڻ هو ته حميرا شوبز ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو هوءَ اتي خوش هئي، پر حميرا جا والدين ان فيصلي تي خوش نه هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حميرا سان فون تي رابطو ٿيندو هو اسان کي ڪراچي ۾ حميرا جي گهر جي خبر نه هئي
0 تبصرے
Do not use vulgar language