welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٺري واسي وڪيل کي خوني شهزور چيڀاٽي ڇڏيو: ملير ۾ سوڳ

ملیر:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)ملير ڪورٽ آڏو تيز رفتار شهزور ٺري مير واهه واسي نوجوان وڪيل کي چيڀاٽي ڇڏيو: ڊرائيور سوگهو ان ڏس ۾ ملير ڪورٽ آڏو تيز رفتار شهزور نوجوان وڪيل نديم شر کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن جناح اسپتال ۾ دم ڏنو. پوليس شهزور گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف ملير بار ڏک جو اظهار ڪندي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته فوتي وڪيل ڪافي وقت کان ڪينسر جي مرض سان جهيڙي رهيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے