welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اڳڙا ويجهو زميني تڪرار تان هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ عورت قتل

اڳڙا:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)اڳڙا ويجهو هٿياربندن جو زميني تڪرار تان گهر تي حملو، فائرنگ ۾ عورت قتل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو، تفصيل مطابق اڳڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ مبارڪ ڪلهوڙو ۾ هٿياربندن عبدالرزاق ڪلهوڙو جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب 46 ورهين جي سعيدهه زال عبدالرزاق ڪلهوڙو قتل ٿي وئي، اطلاع تي اڳڙا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ زمين جي پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف مقتولا عورت جي مڙس عبدالرزاق ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته ڪلهوڙا برادري جي نديم ڪلهوڙو جي ڌر گهر تي حملو ڪري سعيدهه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے