
ڀرياسٽي:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)ڀرياسٽي ڀرسان بالادي موري وٽ ڀرياسٽي پوليس ناڪابندي دوران پوليس اھلڪار کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ 25 ورھين جو الطاف پٽ فيض محمد سبزوئي طور ٿي آھي جيڪو ڪنڌڪوٽ جو رھواسي ٻڌايو پيو وڃي. ايس ايچ او غلام قادر جتوئي ٻڌايو ته مارجي ويل ڦورو ۽ سندس ساٿي نادر سبزوئي اسلم سبزوئي پوليس اھلڪار لطف شر کان گاڏي ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا. پوليس سندس پيڇو ڪيو ته پوليس سان مقابلو ڪيو جنهن ۾ ڦورن جي سڌي فائرنگ ڪري ھڪ پوليس اھلڪار جمال وسطڙو کي زخمي ڪري وڌو جنهن بعد علائقي ۾ ناڪابندي ڪري بالادي موري وٽ پوليس سان مقابلي ۾ هڪ ڏوھاري مارجي ويو. وٽانئس پسٽل ۽ گوليون ھٿ آيون آھن ۽ ٻه ڏوهاري اسلم سبزوئي ۽ نادر سبزوئي فرار ٿي ويا. ھن ٻڌايو ته جوابدار ڏوھاري آهن سندس مٿان ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيس پڻ داخل ٿيل ھئا وڌيڪ جاچ جاري آھي سندس مٿان مقابلي جي ايف آ۽ آر پڻ داخل ڪئي وئي آھي. مارجي جو لاش 20 ڪلاڪ ڀرياسٽي اسپتال ۾ پيل رھيو جتي بجلي جو ڪو به انتظام نه ھو جڏھن ته جوابدار جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ مان سندس امڙ گلزادي سبزوئي، ماسي زينب ۽ رحمت خاتون ڀرياسٽي اسپتال پھچي لاش وصول ڪيو. هنن ٻڌايو ته الطاف سبزوئي ٻه ڏينھن اڳ ڪنڌڪوٽ مان نادر علي ۽ اسلم سان گڏ نڪتا ھئا اسان جو نوجوان بي گناھ ھو سندس مٿان ڪو به ڪيس داخل نه ھو اسان سان ظلم ڪيو آھي واقعي جي شفاف جاچ ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي جڏھن ته جوابدار جو لاش سندس وار ويو آهي. عورتون لاش کڻائي ويون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language