
ٺارو شاھ:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)ٺاروشاهه ڀرسان پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، ننڍي ڀاءُ هٿان گوليون ھڻي 2 وڏا ڀائر قتل، واقعي بعد جوابدار فرار، ايمبولنس نـ ملڻ تي وارث لاشن لوڊر رڪشا تي کڻائي اسپتال آندو، اسپتال مان ڊاڪٽر گم، لاش نوشھروفيروز اسپتال نيا ويا، واقعي جو ڪيس داخل نـ ٿيو، خبر موجب ڳوٺ بھارو خان سڳو ۾ گھر جي پلاٽ جي مالڪي تان جوابدار شاھنواز سيال فائرنگ ڪري پنھنجن ٻن وڏن ڀائرن شوڪت سيال ۽ شھزاد سيال کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، اطلاع باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ نه پهتي، جنهن ڪري وارثن ايمبولنس نـ ملڻ تي ٻنهي ڀائرن جا لاش لوڊر رڪشا تي کڻائي ٺارو شاهه اسپتال آندا، جتي وري ڊاڪٽر ئي موجود نه هو، جنهن ڪري مڙهه نوشھروفيروز اسپتال نيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتولن ڀائرن جي امڙ سردار خاتون روئيندي چيو ته ننڍو پٽ شاھنواز سيال گھر ۾ پيل پلاٽ تي ڪمرو ٺھرائي رھيو ھو ته شھزاد سيال اعتراض ڪيو ۽ ڪمري جي ڀت ٺھڻ نه ڏني، جنھن تي ڀائرن ۾ جھيڙو ٿيو ته وڏو ڀاءُ شوڪت وچ ۾ پيو، جنهن دوران شاھنواز سيال ڪاوڙ ۾ اچي گھر ۾ پيل پسٽل جا فائر ڪيا، جيڪي شوڪت ۽ شھزاد کي لڳا، جنھن بعد ھو گھر مان فرار ٿي ويو، ھن چيو تـ پٽ زخمي حالت ۾ تڙپندا رھيا ۽ منهني آڏو دم ڏنو پر ڪنھن به مدد نـ ڪئي ۽ منھنجو گھر اجڙي ويو، پوليس ٻڌايو ته ڀائرن ۾ پلاٽ جي معاملي تان جھيڙو ٿيو، جنھن ۾ جوابدار ٻن ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language